اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي ادارن جو فلسطين ۽ غزه جي صورتحال تي ضمير جاڳڻ گهرجي، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمنٽ سميت بجلي جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروعات ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسماعيل هنيه کي بي رحمي سان ايران ۾ شهيد ڪيو ويو. پاڪستان، ترڪيه، ملائيشيا سميت ٻين ملڪن ان جي مذمت ڪئي آهي. اتحادي پارٽين به ان جي مذمت ڪئي آهي. عالمي ادارن جو اڄ ضمير جاڳڻ گهرجي. غزه ۽ فلسطين ۾ بدترين تباهي ٿي رهي آهي. هڪ حاملا عورت کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو. جمعي نماز کانپوءِ اسماعيل هنيه جي غائبانه جناز نماز ادا ڪئي ويندي، آئون ۽ سمورا وزير به غائبانه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن. اسان جي سياست عوامي خدمت آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو. مون سي پيڪ تحت 2015ع ۾ پاڪستان سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو. سي پيڪ تحت بجلي جا منصوبا لڳايا ويا. 4 ايل اين جي پاور پلانٽ لڳايا ويا. 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ان دور ۾ سڀ کان سستا پلانٽ لڳايا ويا. اسان ملڪ کي درپيش ان چئلينج کي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان گذريل ڪجهه مهينن ۾ ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. سستي بجلي اسان جي ۽ اسان جي اتحادي حڪومت جي ايجنڊا آهي. ان تي سياست عوامي توهين جي برابر آهي. اهو پوري قوم ۽ غريبن جو مطالبو آهي ته بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. اهو ڏکيو معاملو آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۽ ايف بي آر کي فعال بڻائڻ ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ٻيڙي منجهدار مان نڪري ايندي. عوام جي مشڪلاتن جو پورو ادراڪ آهي. هڪ مخصوص پارٽي جي خيبرپختونخواهه ۾ 10 سالن کان حڪومت آهي، ان اتي ڪيترا منصوبا هنيا؟ ڊيم ٺاهيا؟ ۽ پن بجلي منصوبن تي ڪيتري سيڙپڪاري ڪئي؟ ڳالهيون ڪرڻ آسان ۽ عمل ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي لاءِ بجلي جي مد ۾ اربين رپيا ضايع ٿيندا هئا. هاڻي بلوچستان جي لاءِ شمسي توانائي جو 70 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 55 ارب رپيا وفاق ۽ باقي صوبو ڏيندو. بلوچستان جي عوام جي لاءِ ڌرڻو ڏيندڙن به آواز اٿاريو آهي. اها سياست براءِ سياست آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ نمايان قدم کنيا آهن. نگران حڪومت به ان حوالي سان موثر قدم کنيا هئا. ان معاملي تي سپهه سالار جو عزم واضح آهي. اسان کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. پنجاب ۽ سنڌ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن. ملڪ کي درپيش مسئلن جو واحد حل هول آف دي گورنمينٽ اپروچ آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو لازمي آهي پر ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ مناسب نه آهي. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ان جو احساس آهي. وزيراعظم چيو ته 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي رعايت ڏني وئي. 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم غور هيٺ آهن. بجلي بلز جي ادائيگي ۾ سهولت لاءِ 50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. بجلي جي بلن ۾ ادائيگي جي لاءِ تاريخن ۾ 10 ڏينهن جو ريليف ڏنو ويو آهي. بجيٽ ۾ صنعتن جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 8 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي. ”ابسلوٽلي ناٽ“ چوندڙن جي قدمن سان سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهتو. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان روانگي واپار تي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. حڪومتي آءِ پي پيز تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جلد ان جو معاملو حل ٿيندو. ڪجهه نجي آءِ پي پيز پنهنجا قرض ادا ڪري چڪا آهن ۽ ڪجهه کي اهي قرض ادا ڪرڻا آهن. ان معاملي تي چين کي ري پروفائيلنگ جي لاءِ خط لکيو آهي. چين جي صدر کي ملاقات دوران درآمدي ٻارڻ تي بجلي جي پيداوار جي منتقلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان کي گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case