اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ شفاف ڀرتي جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪميشن تي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي اهم ذميواري لاڳو آهي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.
متعلقہ مضامین
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
QAU continues to improve global rankings
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
QAU continues to improve global rankings