سرينگر-19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين (ڪالهه) جمعي تي يوم الحاق پاڪستان ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي مان ڄمون ڪشمير جي آزادي تائين آزادي جي جدوجهد جاري رکڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم جي گهر ۾ ٿيل آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ الحاق پاڪستان جو ٺهراءُ اتفاق راءَ سان منظور ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان سان مذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سان ڄمون ڪشمير جي الحاق جو مطالبو ڪيو ويو هو.ڪشميرين جو اهو ٺهراءُ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ڳنڍي چڪا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
QAU continues to improve global rankings
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla