اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، سياسي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن به نه ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي سانحي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت جي لاءِ خصوصي اجلاس گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي کي به خصوصي طور تي گهرايو ويو آهي، سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي هوندي. هن چيو ته خصوصي اجلاس ۾ 9 مئي جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي ويندي، قانون واري وزارت پاران وائيٽ پيپر پڻ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ سان تمام گهڻي رعايت ڪئي وئي آهي، ان جا ڀاڻيجا ۽ ڀينرُون عظميٰ خان، عليمه خان ۽ نورين خان به 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهن، انهن کي ڇو رعايت ڏني وئي. هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته 9 مئي جي ڪيسز جو فيصلو ڇو نه پيو ڪيو وڃي، ڇو ان ڪيس کي منطقي انجام تائين نه پيو پهچايو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case