اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪ سيڙپڪار وفد ملاقات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
25 to 30 int’l standard hotels to be ready in two years: Zulfi Bukhari
-
A Woman of Great Substance