اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ صلاحيتن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ترقيءَ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿيل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جديد فني تربيت نصاب ذريعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي جي بهتر استعمال سان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. حڪومت عوام کي هر ممڪن سهولت ۽ پاڪستان جي برق رفتار ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.
متعلقہ مضامین
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
QAU continues to improve global rankings
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
QAU continues to improve global rankings