اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپر جي استعمال جي حوالي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
QAU continues to improve global rankings
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others