اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني قانون جون منظم خلاف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙي طرح جي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪن ٿيون.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education