برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جاري عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.
متعلقہ مضامین
-
What makes Imran Khan a brave, genuine leader!
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur