اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اسمگلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن پر ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو سان لاڳاپيل اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ري اسٽرڪچرنگ جي حوالي سان مختلف تجويزون غور هيٺ آيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين جي وصولي ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اسمگلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ گذريل ڏينهن ڪافي اهم قدم کنيا ويا آهن پر ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
COVID-19 claims 52 lives, infects 1,579 more people
-
Deputy Chairman Senate Saleem Mandviwalla to be indicted by AC
-
Joe Biden nominates Pakistani-American Dilawar Syed deputy as head of Small Business Admin
-
Punjab cabinet committee on law approves multiple amendments, drafts
-
Punjab cabinet committee on law approves multiple amendments, drafts
-
PM’s vision to promote tourism will create jobs, Shibli Faraz
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education