اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.
متعلقہ مضامین
-
Approval of 340 jobs on quota of deceased in various departments of Sindh government
-
PeH demands return of martyrs bodies to their heris
-
PA unanimous in taking action against bureaucrats from local government
-
PTI hits out at PML-N for not showing up at govt-opp meeting
-
Turkish aid agency sets up medical facility in Pakistan
-
One killed, 15 injured in land dispute clash
-
IAEA all praise for PAEC’s use of nuclear technology to revive cotton, textile industry
-
IAEA all praise for PAEC’s use of nuclear technology to revive cotton, textile industry
-
Pakistan gets first-ever Human Rights Information Resource Portal
-
Pakistan gets first-ever Human Rights Information Resource Portal
-
Pakistan gets first-ever Human Rights Information Resource Portal
-
Ex-ISI chief Asad Durrani in touch with RAW since 2008, IHC told