ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، قلعه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلعه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Struggle to empowerment: a tale of unmatched magnificence
-
Branding can make Faisalabad a global player
-
TEVTA launches sector skills council for textile
-
National History Museum remembers and celebrates Quaid-e-Azam, on his 144th Birth Anniversary!
-
FBR seizes smuggled goods worth Rs29bn in July-Dec period
-
Democracy in Pakistan
-
Ex-PM Abbasi gets one-time permission to travel abroad
-
Ex-PM Abbasi gets one-time permission to travel abroad
-
Ex-PM Abbasi gets one-time permission to travel abroad
-
Democracy in Pakistan
-
Cards from across Iraq bring Christmas cheer to Christians
-
Qadri claims Sharif was ‘very passionate’ to develop ties with Israel