اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent