پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي، ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي، سول عمارتن تي حملن جي ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ منصوباسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي اجلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 مئي تي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي اجلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن ۽ منصوباسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف قانون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ته ان عمل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت سمجهي ادا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan to raise issue of killing of 11 Hindus in India at world forums
-
Sindh Police officers submit leave requests en masse over Safdar episode
-
Pakistan to raise issue of killing of 11 Hindus in India at world forums
-
British Chief of Defence Staff visited Pakistan
-
Afghan Leader Gulbuddin Hekmatyar Meets Speaker National Assembly Asad Qaiser
-
NAB exhumes Rs.250 million ‘illegal assets owned by Balochistan govt official
-
Court orders to provide Shehbaz Sharif mattress, chair and home cooked food
-
736 new coronavirus cases, 10 deaths a day
-
Industrial development to create more jobs, wealth: PM
-
Opposition trying to weaken democracy, institutions: Shibli Faraz
-
COAS appreciates troops’ operational preparedness
-
Opposition trying to weaken democracy, institutions: Shibli Faraz