فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان اٽي جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن بابت معلوم ڪيو، عورتن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن، فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت اٽو 25 شعبان کان 25 رمضان تائين فراهم ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Murad says not consulted before forming committee on Karachi
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services