استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ترڪيءَ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Economic growth through infrastructure development
-
Economic growth through infrastructure development
-
CM reviews progress on economic zones project
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Primary schools open from today across country