اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ذريعي پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير صوبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي دوري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاون جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، موسمياتي خطرن جي باري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Motorway rape victim agrees to record statement, identify culprit: reports