طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غيرملڪي ڪرنسي خاص طور تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Sahiwal encounter illegal
-
MCR’s reluctance for ‘reassessment’ of the leased land
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
Hamza allowed to travel abroad
-
EPD fails to update air quality monitoring system