اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي اسپنر شين وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين وارن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.
متعلقہ مضامین
-
Diabetes claims 10 lives every hour in Pakistan
-
Big scam uncovered in PAC
-
CDWP approves Rs 1.2bn equipment for PAEC hospitals
-
Govts experimental educational policies irk teachers
-
Islamabad police take 87 into custody
-
Junaid Jamshed among 47 dead in PIA crash
-
LHC orders release of condemned prisoner
-
Kabuls neighbours urged to bring Taliban to negotiating table
-
Bilawal predicts next general elections will be in 2017, PPP to win
-
SC to probe hiring of 50 govt employees from same family
-
SC to probe hiring of 50 govt employees from same family
-
COAS orders focused, indiscriminate operation against terrorist elements