اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
Hearing of Al-Azizia and Flagship references adjourned till August 15
-
ECP accepts Imran’s apology on violating ballot’s secrecy
-
Sharifs want NAB court party to Avenfield petition
-
Three police personnel martyred in Gilgit on Friday night
-
Teen girl reported missing in Karachi, father claims ‘kidnapping’
-
US stops military training programmes with Pakistan
-
Bushra Maneka’s ex-husband Khawar Fareed marries again
-
What will Pakistan’s foreign policy look like under Imran Khan?
-
Teen girl reported missing in Karachi, father claims ‘kidnapping’
-
Hurdles for prosecution in rape cases
-
Three cups of tea and tyranny of kettle
-
Pakistan Army officer’s platoon declared best at UK’s military academy