اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US