نوشهره – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور ماڻهو، قانون جي هيٺ نٿا اچڻ چاهين، پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهي وٺندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اهي چوري ڪن، ڌاڙا هڻن ۽ مني لانڊرنگ ڪن پوءِ به ڪير انهن کي نه پڪڙي، سڀني شعبن ۾ مافيا ويٺل آهي، شوگر مافيا مهانگي کنڊ وڪرو ڪندي آهي ۽ ٽيڪس ناهي ڏيندي، ڪمزور ۽ طاقتور جي لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي، موجوده حڪومت سستي گهرن جو خواب پڄاڻي تائين پهچايو، بئڪن کي غريب ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه آهي، قرض کي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، جيڪو معاشرو پنهنجي ڪمزور ۽ غريب طبقي جو خيال ناهي رکندو اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، پناهگاهن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين، آبادي وڌڻ ۽ شهرن جي پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيندا، نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي سان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ميسر ايندو. وفاقي حڪومت هر گهر تي 3 لک سبسڊي فراهم ڪندي، هن اهڙن خيالن جو اظهار نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت جلوزئي هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Sahiwal encounter illegal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Chinese New Year celebrated at RME
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
By empowering smaller provinces, people’s problems will be resolved faster: NA speaker