اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 100 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 67 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنجاب ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، بلوچستان ۾ 1 هزار 96، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.
متعلقہ مضامین
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
Sahiwal encounter illegal
-
Sahiwal encounter illegal
-
West Indies women outclass Pakistan women by 71 runs in first T20
-
Pakistan urges India to stop anti-Pakistan rhetoric in its domestic politics
-
Pakistan conducts another successful launch of surface to surface ballistic missile “Nasr”
-
Sahiwal encounter illegal
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
PHC acquits four in PML-N leader Amir Muqam attack case