اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
PHC acquits four in PML-N leader Amir Muqam attack case
-
Australia’s Griffith University offers 100% scholarships to five Pakistan students
-
PAC reverses decision on BISP ‘irregularities’ over ex-PM’s resistance
-
Cabinet examines names of 172 people on ECL; sends 32 to review committee
-
Govt will provide all-out support to exporters: minister
-
Imran Khan should not fear Shehbaz Sharif and summon Parliament session: Marriyum
-
Govt launches Sehat Insaf Card program
-
1,000 leishmaniasis affected patients in Mohmand have no vaccination
-
Pakistan, Russia ink pipeline, oil and gas exploration accord
-
Nawaz shifted back to Kot Lakhpat Jail
-
Nawaz’s counsel requests IHC to schedule miscellaneous plea hearing