اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت صنعتن جي درپيش مسئلن کي حل ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ايف پي سي سي آءِ جي وفد مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز سان ناجائز معاهدن جو معاملو اٿاريو. ان موقعي تي عاطف اڪرام شيخ چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌيڪ قيمتن سبب صنعتون بند ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي. توانائي جي قيمتن کي علائقائي ملڪن جي برابر آڻڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري ۽ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ صنعت جي واڌ طرف وڃڻو پوندو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وفد کي واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates