اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
AMAN-21-The message resonates
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Aman-21: the message resonates