اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سينيٽر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهري جي حيثيت سان قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
LHC restrains NAB from arresting Safdar till 29th
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Female police contingent pass out
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
Five BLA terrorists gunned down in Mastung
-
Is Yasir Shami going to host a ramzan transmission on Geo?
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
PHC orders ban on TikTok over ‘obscene’ content
-
Sindh hands over grazing land to local Thar communities
-
AJK people to reject PDM’s corrupt, unnatural alliance in upcoming polls: Qureshi
-
Over 18,000 senior citizens vaccinated in three days: Yasmin Rashid
-
Time to push the reset button in Punjab?