اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بنون ڇانوڻي ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظل حسين، حوالدر شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي لانس نائيڪ سبز علي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اسان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others