اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبن ۾ زرعي ٽيوب وليز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي بجلي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي انهي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ شمسي توانائي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبن جي حڪومتن سان گڏجي آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. وزيراعظم صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بجلي چوري جي حوالي سان توانائي واري وزارت سان تعاون تي وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان سمارٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ان حوالي سان جامع پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چئني صوبن جي بجلي جي هڪ هڪ ورڇ ڪندڙ ڪمپني کي سمارٽ ميٽرنگ جي حوالي سان ماڊل ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي متنقلي ۽ بجلي چوري جي خاتمي تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊيزل سان هلندڙ زرعي ٽيوب ويلز کي ماحول دوست شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان 2.7 ارب آمريڪي ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين سڄي ملڪ ۾ 84366 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 174562 ايف آءِ آرز داخل ٿيون، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي 456 ملازمن کي معطل ڪيو ويو ۽ 421460 ڪيسز فائيل ڪيا ويا، تازو ئي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار هڪ سئو تيرنهن نوان ميٽرز هنيا ويا ۽ اٽڪل 12 هزار ڪُنڍا هٽايا ويا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (وڊيو لنڪ ذريعي)، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus
-
Extension in winter vacation demanded
-
Wedding functions should be packed up by 11:15pm in Hyderabad: govt