اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، ترڪيه هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جنرل سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ۾ آرمڊ فورسز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاندار خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’