اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر کي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي جي مجموعي صورتحال ۽ انتظامي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يونيورسٽي تحقيق ۽ ترقي، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب يونيورسٽي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر يونيورسٽي جي بهتري لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others