اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others