اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو.
متعلقہ مضامین
-
SA speaker along with family members indicted in assets reference
-
13 die, 17 injured as bus, van catch fire after collision
-
Ahsan Iqbal to be indicted in sports complex reference on 7th
-
Pakistan hails OIC for reaffirming support on Kashmir issue
-
ATC acquits 4 MQM leaders in hate speech case
-
Indonesian CG looks at prospects of future academic, research collaboration with SU
-
SC seeks details of Billion Tree Tsunami project from PTI
-
Sindh’s 10 Tourist Sites To Be Developed Through Private Sector
-
The Covid ‘longhaulers’ behind a global patient movement
-
UAE govt honours Pakistani medic died of Covid-19
-
Two PIA officers arrested in fake degrees scam
-
The Covid ‘longhaulers’ behind a global patient movement