اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستان جي دفاع لاءِ سرحدن تي پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انهن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سمورن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح حاصل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Five injured, one critical as students stage protest against online exams
-
PDM parties have no objective other than to save their corruption: Omer Ayub
-
PDM parties have no objective other than to save their corruption: Omer Ayub
-
Police recovered scratch cards worth 45 million rupees.
-
Hidden extremism in India being exposed: Shehryar Afridi
-
Police recovered scratch cards worth 45 million rupees.
-
Sania inaugurates Ehsaas Tahafuz Unit at HFH
-
Approval of 340 jobs on quota of deceased in various departments of Sindh government
-
Sania inaugurates Ehsaas Tahafuz Unit at HFH
-
SHC seeks written statement from federation in islands case
-
Commission to now hold Broadsheet scam probe
-
Commission to now hold Broadsheet scam probe