اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گورننس جي فروغ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري. صدر چيو ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
Ijaz Shah hints at allowing Nawaz to go abroad for treatment
-
Land mafia occupies agricultural land of federal minister, others
-
Bilawal lashes out at govt for ‘targeting’ opposition
-
Nawaz Sharif, Maryam Nawaz Arrive at Jati Umra Together
-
What did Fazlur Rehman achieve?
-
Foreign leaders call on naval chief, agree to further enhance military ties
-
Bilawal calls upon courts to deliver justice to Benazir
-
Toppling PTI government now a ‘national duty’: Fazl
-
PAF’s Security Warfare, Advance Combat Tactics Course held
-
‘Absolutely no cover-up’ of polio: govt officials denounce The Guardian article
-
Man, wife diagnosed with HIV in Naundero
-
Buzdar approves establishment of Thal University in Bhakkar