اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اسپيشل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
ML-1 rail project to ensure massive economic activity in country: PM
-
Shibli Faraz turns down news of PTV’s privatisation
-
ML-1 rail project to ensure massive economic activity in country: PM
-
Ehsaas to structure ‘One Window Initiative’ featuring physical and digital interfaces: Sania
-
Ehsaas program to launch ‘One Window Initiative’
-
CTD guns down two suspected militants in Punjab, seizes weapons
-
Pakistan Navy’s fire power display — stability through deterrence
-
Five reasons why you need to register for the NASFF
-
Building owners urged to install external fire hydrants
-
Candlelight vigil condemns attack at Kabul University
-
Buzdar rejects proposal to increase entrance fee at archaeological sites
-
AJK president opens Future World School in Islamabad