اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پاچاجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم پنهنجي ترڪيه جي تازي دوري دوران شاندار مهمان نوازي تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام رکن ٿا. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه جي نئين ٺهندڙ ڪابينا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻاهرئين سيڙپڪاري جو موزون ترين وقت آهي جڏهن ته ترڪ ڪمپنين جي ان حوالي سان گهري دلچسپي خوش آئنده آهي. وزيراعظم ترڪ سفير کي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ڪائونسل جي ستين اجلاس جي لاءِ ترڪ صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
متعلقہ مضامین
-
Court seeks report on Shehbaz Sharif’s jail trial
-
NAB team raids Karachi’s National Institute of Cardiovascular Diseases
-
One in Four adults is likely to suffer a stroke in lifetime, warn experts at Shifa International Hospital
-
NAB team raids Karachi’s National Institute of Cardiovascular Diseases
-
NCC coordinating with stakeholders to develop SNC: minister
-
Court grants Zardari exemption from appearance in Thatta water supply reference
-
4G service suspended in Turbat
-
FM calls for guard against ‘spoilers’ of Afghan, region’s peace
-
Deputy speaker briefly expels ‘rabble-rouser’ from NA
-
PM urges Muslim leaders to stand against Islamophobia
-
PM, Gen Bajwa discuss matters regarding army, security situation
-
NHA to soon start Construction work on Hyderabad-Sukkur motorway