اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس اسٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ تباهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس اسٽيشن کي پي ٽي آءِ تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو.
متعلقہ مضامین
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil
-
Hitler Modi to pay huge price for human violation in Kashmir: Sheikh Rasheed
-
Pakistan needs to mobilise domestic tax revenue: IMF
-
Opp in Punjab Assembly demands Hamza Shahbaz’s production order
-
Screams in the night at Indian army camps in Held Kashmir
-
Man, woman shot dead over trivial issue in Shikarpur
-
Remembering Mir Murtaza Bhutto
-
Remains of three missing minors found in Kasur
-
European Parliament calls for international inquiry into human rights violations in IHK
-
Court grants two-day transit remand of Khursheed Shah to NAB
-
SC’s complete bench to hear petition against Justice Isa