اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ عوام کي خبردار رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزيراعظم عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan sets pre-conditions for any dialogue with India
-
PML-N rigged NA-120 by elections in 2017: Shahzad Akbar
-
NAB vows to continue action in sugar scam
-
Govt committed to boost mountain communities’ climate resilience
-
CAA issues new travel advisory for passengers
-
Opposition’s campaign poses no threat to govt: PM Imran
-
IHC serves notice to PTA for banning TikTok
-
IGP says reforms underway in KP Police
-
Punjab University Academic Staff Association protests against Chairman HEC and Punjab government
-
Giving NRO is “easy way”, but it is the “path to destruction”: PM
-
KP police chief says reforms underway in the force
-
13 security personnel martyred in Ormara, North Waziristan