اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.
متعلقہ مضامین
-
PEMRA renews license of Virtual University’s TV channels
-
COAS visits family of colonel martyred in Tank operation
-
COAS visits family of colonel martyred in Tank operation
-
COAS visits family of colonel martyred in Tank operation
-
COAS visits family of colonel martyred in Tank operation
-
Hong Kong inalienable part of China, Pakistan tells UN panel
-
Experts term pro-active energy management a key requirement for Pakistan in the energy sector
-
US hopeful for Afghan, Pakistan side agreement
-
UoG BA/BSc/BCom/AD exams from Oct 20
-
Strong foreign policy linked with stable economy: FM
-
Bundal Island to bring in billions of rupees investment, says governor
-
54 labourers rescued from landlord’s custody