اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ نوجوان ڪشميري شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪشميري نوجوان نه آهي ۽ نه اهو انساني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
CM reviews progress on economic zones project
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry