اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري شاعر، اديب، ڊراما نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي حقن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هڪ وڏو انسان اڄ دنيا مان رخصت ٿي ويو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي زندگي جا 50 سال اردو ادب کي ڏئي اسان جي لاءِ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو آهي. ”وه نصيب ڪي بارشين ڪسي اور ڇت پي برس گئين“ هڪ نسل کي ياد آهي. هن چيو ته 1980ع ۾ ان جو مشهور ڊرامو وارث اڄ به هڪ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. ادب جي دنيا ۾ امجد اسلام امجد جو نالو سدائين زندهه رهندو. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.
متعلقہ مضامین
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry