ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته الڪرامته جو دورو ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملڪ جي دفاع ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي مقام واحته الڪرامته جو دورو ڪيو. وزيراعظم جو استقبال ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مارٽرز فيمليز افيئر، آفيس خليفه بن تهنون ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم واحته الڪرامته جو تفصيلي دورو پڻ ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪا اماراتي بهادر فوجين جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. واحته الڪرامته گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي جيڪو گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي بهادري ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Economic growth through infrastructure development
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued