اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير انڊونيشيا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي ساراهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هن پاڪستان انڊونيشيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.
متعلقہ مضامین
-
Aleema Khan fails to submit remaining tax fine
-
NAB submits report to SC in fake accounts case
-
NAB arrests ex-PML N minister Kamran Michael
-
Islamabad, New Delhi ready to embark on Kartarpur roadmap
-
NAB submits report to SC in fake accounts case
-
Islamabad, New Delhi ready to embark on Kartarpur roadmap
-
NAB submits report to SC in fake accounts case
-
Royal Navy’s type 45 HMS DRAGON visits Karachi
-
Sindh govt files review plea in fake bank accounts case
-
Bilawal moves SC for removal of name from JIT report in fake accounts case
-
Royal Navy’s type 45 HMS DRAGON visits Karachi
-
Murad orders judicial inquiry into Irshad Ranjhani murder case