اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آهي، اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، فنڊ جي قيام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيوته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي قيام جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم جي قيادت ۽ رهنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان موقعي تي ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.
متعلقہ مضامین
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry