اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جاپان لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير رضا بشير تارڙ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جاپان جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پاڪستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جاپان پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
PIA to operate Karachi-Skardu flights twice a week
-
Inside IOK —findings by a Human Rights Forum
-
The Women’s Right to Vote and Own Land
-
Pakistan welcomes Afghan Loya Jirga’s recommendation on release of prisoners: FO
-
Provincial Minister EjazAlam launches project for minority youth
-
Pakistan Railways restored all trains from August 9
-
See the preparations of the government departments of Chakwal
-
Pakistan launches 10 Billion Tree Tsunami drive today
-
University of Education students protest for faulty online system
-
Coronavirus threat is not over: Imran Khan
-
Universities should play their role for real development of Pakistan: President UMT
-
Universities should play their role for real development of Pakistan: President UMT