اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ولد فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، محمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محمد اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Saeed Ghani warns schools against crossing govt on reopening directives
-
With a heavy hand, India rides out Kashmir’s year of disquiet
-
Balochistan extends lockdown until August 17
-
Balochistan extends lockdown until August 17
-
With a heavy hand, India rides out Kashmir’s year of disquiet
-
With a heavy hand, India rides out Kashmir’s year of disquiet
-
Will leave British citizenship in two seconds if PM asks to do so : Zulfi
-
PTI’s MNA hurts Bhutto fans by posting provocative post
-
Back channel diplomacy with India out of question: Pakistan
-
ML-1 to provide over 150,000 jobs in Pakistan: Sheikh Rashid
-
All educational institutes to reopen from september 15 across Pakistan
-
Pakistan’s coronavirus death toll crosses 6,000