اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته پوءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عمران خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهباز ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪيون، ميرٽ تي پورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ئي اسٽوڊنٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ بدمعاشي جو ڪلچر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪومت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته سنڌ ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ مفت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته ساڍا 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز کوليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته بلاول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙهائي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
PM to launch CDA-developed services app for residents
-
Karachi’s coronavirus tally jumps to 147
-
Islamabad under virtual lockdown as nationwide tally crosses 1059
-
Karachi’s coronavirus tally jumps to 147
-
Islamabad under virtual lockdown as nationwide tally crosses 1059
-
NAB devises strategy regarding work during lockdown
-
Govt’s ‘negligence’ to cope with coronavirus challenged in IHC
-
Govt’s ‘negligence’ to cope with coronavirus challenged in IHC
-
‘Rs 12,000 to be given to each family via Ehsaas Emergency Cash Programme’
-
Education Ministry to launch national TV for live educational assistance
-
Meeting of parliamentary leaders to be convened via video link today
-
Coronavirus fear: IHC orders release of another 408 prisoners