اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
Brawl over petty issue claims old mans life
-
Two killed after house roof collapsed
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum