راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪيو، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزيراعظم فوجي دستن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچستان جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.
متعلقہ مضامین
-
Facebook collaborates with ECP to ensure transparency in the upcoming elections
-
Ex-PM Gillani cleared to contest elections
-
PSX removes Hussain Lawai as chairman
-
FIA summons Zardari, Talpur in money laundering scam today
-
PPP terms SC-led inquiry against its leadership ‘pre-poll rigging’
-
PPP unscathed by ‘old’ tactics, says Khuhro
-
PPP terms SC-led inquiry against its leadership ‘pre-poll rigging’
-
How did Malakand become ‘mini-Larkana’?
-
ECP postpones polls in PK-78 following death of Haroon Bilour
-
Woman in Khushab murders husband, four children
-
NAB ready to act against ‘black sheep’ in Police department: SHO in for corruption
-
ECP postpones polls in PK-78 following death of Haroon Bilour